ن ليگ ملڪي معيشت کي 20 ارب ڊالرن جو نقصان پهچايو: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ن ليگ جي غلط فيصلن سبب ملڪي معيشت کي 20 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو ۽ رپئي جو قدر هٿرادو طريقي سان روڪڻ سبب تاريخي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿيو. اسلام آباد ۾ توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شوڪت ترين ن ليگ جي پري بجيٽ سيمينار تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ن ليگ جي دور ۾ معيشت ڪهڙي بنياد تي بهتر ٿي، انهن قرض کڻي بهتري ڏيکاري ۽ معيشت کي هيٽ اپ ڪري ڇڏيو، ن ليگ جي دور ۾ گروٿ ۾ واٿ قرض وٺڻ سان ٿي. هن چيو سڀني کي خبر آهي ته انهن هٿرادو طريقي سان رپئي کي مضبوط يا ويليو رکيو، جنهن سان تاريخي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿيو، اسحاق ڊار معيشت سان جيڪو ڪيو، اهو سڀني ڏٺو. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت گذريل حڪومت جو خسارو سنڀاليو، ڪورونا سبب ملڪي معيشت کي ڌڪ لڳو پر هيءَ حڪومت هاڪاري سوچ رکي ٿي، حڪومت شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسي ٺاهي، روينيو وڌائينداسين، ايندڙ ٻن سالن ۾ روينيو 7 ٽريلين ٿيندا، ٽيڪس نه لڳائينداسين، ٽيڪس سسٽم کي وڌائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔