پي ٽي آءِ ڪروڙين ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو: ن ليگ

اسلام آباد: ن ليگ موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ٽن ورهين ۾ مهانگائي سان عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، ان عرصي ۾ ڪروڙين پاڪستاني غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويا آهن. اسلام آباد ۾ ن ليگ جي اهتمام هيٺ پري بجيٽ سيمينار ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. شهباز شريف ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته ٽن ورهين ۾ عام خاندان لاءِ زندگي سان پنهنجو رشتو جوڙڻ محال ٿي ويو آهي، گذريل سال ۽ ان کان پوئين سال به حڪومت چيو هو ته 3.3 جي ڊي پي آهي ۽ پوءِ وري چيو ته ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان به گهٽ انگ اکر آيا، تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو اسان جي جي ڊي پي ڪاٽي ۾ هلي وئي، اها بدترين ڪارڪردگي ۽ وڏي ناڪامي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ هر وزير چئي ٿو گردشي قرض تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ته پوءِ اهو قرض ڇو وڌي رهيو آهي؟ ان جو جواب سڌو آهي ته جڏهن چونڊون چوري ٿينديون ته ائين گردشي قرض وڌندو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي ڇو وڌي رهي آهي، جڏهن ملڪ جي آمدني ئي گهٽ هوندي ۽ قرض 14 هزار ارب وڌيو ته ترقي ڪيئن ٿيندي؟ احسن اقبال چيو ته حڪومت ايندي ئي اسان 2025 تائين منصوبا جوڙيا، ن ليگ جي دور ۾ لانگ ٽرم پلان ٺاهيو ويو، عمران خان جهڙي اناڙين کي آڻي ملڪ تي مڙهيو ويندو ته اهي نقصان ئي ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔