پ پ جمهوريت کي نقصان پهچايو، استعيفائن جي موقف تي قائم آهيون: فضل الرحمان

ملتان: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ به اجتماعي استعيفائن جي موقف تي قائم آهيون، ان آپشن کان ڀڄڻ حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جهڙو هوندو. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم کان ڌار ٿيندڙ تحريڪ انصاف سان ”بريڪٽ“ ٿي ويا، پ پ لاءِ پي ڊي ايم جا دڳ بند ناهن ڪيا، واپس اچي سگهي ٿي، پي ڊي ايم قوم جو آواز بڻجي وئي هئي پر پ پ حڪومت جي مددگار بڻجي وئي، پي ڊي ايم حڪومت خلاف متحد هئي، ان ۾ ڏڦيڙ وجهي ڪنهن کي فائدو ٿيو، پ پ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو جيڪڏهن اجتماعي استعيفائون نه ڏنيون ويون ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ويندي، استعيفائن جو آپشن قبول نه ڪرڻ حڪومت جي مدد جهڙو هوندو، استعيفائن جي موقف تي قائم آهيون، جيڪا پارٽي حڪومت لاءِ سولائيون پيدا ڪري رهي آهي، عوام ان کي ڏسي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته 4 جولاءِ تي سوات ۾ تاريخي جلسو ڪنداسين، هر پارٽي کي پنهنجو چونڊ مفاد به ڏسڻو هوندو آهي، پي ڊي ايم چونڊ اتحاد ته ناهي پر ڪا شئي امڪان کان ٻاهر به ناهي، ن ليگ جي ڪير به نمائندگي ڪري مسئلو ناهي، اسان جو واسطو ماڻهن نه پارٽي سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔