ڪي اليڪٽرڪ بجلي ڇهه روپيه ايڪٽيهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کان بجلي 6 روپيه 31 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.رپورٽ موجب ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ خراب خبر اها آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ نيبپرا کان بجلي 6 روپيه 31 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کان درخواست ڪئي آهي ته ماهوار ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ بجلي 5 روپيه 95 پئسا، ڇهن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ بجلي 36 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وڃي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواستن تي 15 جون تي ٻڌڻي ڪندو.ڪي اليڪٽرڪ جنوري کان مارچ 2021 جي ماهوار ايڊجسٽمنٽس لاءِ بجلي 5 روپيه 95 پئسا، جنوري کان مارچ 2021 جي ڇهن مهينن جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 36 پئسا، جنوري 2021 جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 1 روپيه 97 پئسا، فيبروري 2021 جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 2 روپيه 49 پئسا، مارچ 2021 جي ايڊجسٽمنٽ لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيو 49 پئسا اضافي جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته اپريل 2021 جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 86 پئسا گهٽتائي جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔