ڪراچي ۾ گاڏي چالان ڪرڻ تان اهلڪارن تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

ڪراچي: گاڏي چالان ڪرڻ تان اهلڪارن تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ 3 ڀائر ۽ سندن ڀيڻ شامل آهي. ٽريفڪ اهلڪار جي مدعيت ۾ جوابدارن مٿان حملي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس جو چوڻ هو ته ڪارسوارن کي فينسي نمبر پليٽ لڳل هجڻ تي 520 رپين جو چالان ڪري ڪاغذ گھريا هئا.ڪار سوارن چالان ڪاپي ڦاڙي اهلڪارن تي حملو ڪيو ۽ ڪرسيون اڇلائي هنيون، حملي ۾ هيڊڪانسٽيبل شهباز علي ۽ ڪانسٽيبل تحسين زخمي ٿي پيا. جوابدارن ۾ اسفند شاهد، عمر شاهد، علي شاهد ۽ طاهره شاهد شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔