لاڙڪاڻي ڀرسان واهه ۾ وهنجندي ٽي سڳا ڀائر ٻڏي ويا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر ويجهو ڳوٺ فتح پور مان گذرندڙ حمير واھه ۾ وهنجندي شڪارپور شهر جي جهاز چوڪ جا رهواسي 3 سڳا ڀائر 11 سالن جو فياض پٽ علي شير ڪنڀر، 10 سالن جو وسيم ڪنڀر ۽ 12 سالن جو عبدالحفیظ ڪنڀر ٻڏي ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٽنهي نينگرن کي واهه مان ڪڍي گهر منتقل ڪري ڇڏيو جتي ٻن ڀائرن فياض ۽ وسيم ڪنڀر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن دوران وارث لاشن مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته اسين اصل شڪارپور جا آهيون لاڙڪاڻي ۾ مائٽن جي خيرات ماني ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين جتي اسان جا ٻارڙا حمير واھه ۾ وهنجڻ لاءِ ويا ته ٻڏي ويا جن مان فياض ۽ وسيم تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته عبدالحفیظ بيھوش آهي. هوڏانهن اهڙي واقعي تي آسپاس جا سوين ڳوٺاڻا ڳوٺ پهتا جتي ماحول سوڳوار ٿي ويو جنهن بعد فوتين ٻارڙن جا لاش وارث شڪارپور کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔