سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 937 ڪيس ظاهر، 16 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 15741 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن مان 937 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 16 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل تعداد 5،089 ٿي ويو. وبا مان 1361 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحت مند ماڻهن جو ڪل تعداد 292001 ٿي چڪو آهي. هن وقت 24318 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 890 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 77 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔