سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1342 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 11 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 1342 نوان ڪيس منظر عام تي آيا، جڏهن ته 11 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو انگ وڌي 5014 ٿي ويو آهي. هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 4080243 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 316735 ڪيس مثبت آيا. اڄ 783 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحتياب ٿيندڙن جو انگ 285758 ٿي چڪو آهي. هن وقت 25963 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 962 ڪورونا مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 79 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔