پي ڊي ايم پاران ٻيهر جلسن جو اعلان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت اجلاس ۾ غور نه ڪيو ويو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پ پ ۽ اي اين پي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪو غور نه ڪيو ويو، تنهن هوندي به هنن وٽ مهلت آهي ته هو پي ڊي ايم سان رجوع ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪن، اسان انتظار ڪنداسين پر هي اهڙو ڪو معاملو ناهي جنهن تي اجلاس ۾ بحث ڪجي. پي ڊي ايم ٿيلن فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي مولانا فض الرحمان خطي جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ان ڪيميرا اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارا ايوان کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ته افغانستان ۾ دوها معاهدو ۽ اڳڀرائي، نئين امريڪي انتظاميه جون ترجيحون ۽ اهي افواهون ته پاڪستان امريڪي جهازن کي ايئر بيس فراهم ڪندو ۾ ڪيتري حقيقت آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. پي ڊي ايم صحافتي برادري ۽ ميڊيا پرسنز تي ٿيندڙ حملن جي پڻ مذمت ڪئي. مولانا فض الرحمان چيو ته حڪومت طرفان هڪ طرفي چونڊ سڌارن جي آرڊيننس، بشمول اي وي مشين جي تجويز کي رد ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن فوري طور تي سمورين پارٽين جو اجلاس گهرائي، چونڊ سڌارن تي پيڪيج ٺاهي جيڪو پارليامينٽ آڏو پيش ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔