ڪورونا وبا جي ڪري غربت ۾ اضافو ٿيو آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ مختلف کاتن جون جاري ترقياتي اسڪيمز هلندڙ مالي سال ۾ ئي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪر ي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ۾ مختلف کاتن جي سالياني ترقياتي اسڪيمز جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين مالي سال ۾ ترقياتي پروگرام عوام جي ضرورتن پٽاندڙ هوندو، ڪورونا وبا سبب غربت ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت ڪوشش ڪندي ته هيٺئين طبقي جي معاشي بحالي لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن، هن چيو آهي ته 50 سيڪڙو خرچ ٿيل ترقياتي اسڪيمز کي نئين سال ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، نئين بجيٽ ۾ اهڙيون ترقياتي اسڪيمز آنديون وينديون، جيڪي هڪ ئي سال ۾ مڪمل ٿين، وڏي وزير چيو آهي ته نئون سال مالي سال جي ترقياتي پروگرام عوام جي ضرورت موجب هوندو، غربت جو خاتمو، عورتن جي فلاح، ڪميونٽي ڊيولپمينٽ سال بجيٽ ۾ ترجيح تي ٿيندي، وڏو وزير چيو آهي ته نئون سال عوام جي صحت جو سال هوندو، جنهن ۾ وبا تي ضابطي جو منصوبو هوندو، ڪورونا وبا جي ڪري غربت ۾ اضافو ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔