30سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي ويڪسينيشن اڄ کان شروع ٿي وئي

اسلام آباد: استادن ۽ ٽيهن سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي واڪ ان ويڪسينيشن اڄ کان شروع ڪئي وئي آهي.

وفاقي وزير اسد عمر ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان 30 سال يا وڌيڪ عمر جا آهيو ته ويڪسين جي لاءِ رجسٽرڊ ڪرايو. پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي ويڪسينيشن مرڪز وڃو ۽ ويڪسين لڳرايو. 50 لک کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. 

هوڏانهن اين سي او سي ٽوئٽ ڪندي چيو ته هاڻ تعليمي ادارن جا 18 سالن کان وڏي عمر جا استاد به رجسٽريشن جي ذريعي واڪ ان ويڪسينيشن ڪرائي سگهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔