پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هفتيوار لاڪ ڊائون جو سلسلو جاري، ڪاروباري سرگرميون بند

لاهور: پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هفتيوار لاڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي ڪٿي مارڪيٽون ۽ بازارون بند آهن ته ڪٿي لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪاروباري  سرگرميون مڪمل طور تي بند آهن. لاهور ۾ هفتيوار لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن مارڪيٽن ۾ ڪاروباري سرگرميون بند آهن جڏهن ته مال روڊ، جيل روڊ، اعظم ڪلاٿ مارڪيٽ، شاهه عالم مارڪيٽ سميت شهر جون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون ۽ دڪاون به بند آهن.

جاڙن شهرن راولپنڊي ۾ به بازار بند رهي جنهن سبب ڪاروباري مرڪز ۽ واپاري سرگرميون معطل رهيون. پر ميڊيڪل سينٽر ۽ عام واهپي وارين شين جا دڪان کليل رهيا.

فيصل آباد ۾ صورتحال مختلف نظر آئي. لاڪ ڊائون جي باوجود شهر ۾ شٽر ڊائون ڪري ڪاروباري جاري رهيو. جڏهن ته شهر ۾ هوٽلون به کليل رهيون.

پشاور ۾ به ٻن ڏينهن جي لاءِ ڪاروباري سرگرميون معطل آهن. جڏهن ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به بند آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔