موسميات کاتي سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي پوڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

لاهور: موسميات کاتي اڄ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي پوڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

ان حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ اڄ  گرمي پد 49 تائين وڃڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ به سنڌ ۾ موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي. دادو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 49 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

  هوڏانهن ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به موسم گرم رهندو. جڏهن ته سبي، تربت، لسبيله، ڪوهلو ۽ مڪران ۾ سخت گرمي پوندي. صوبي ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي سبي ۽ اوسته محمد ۾ پئي جتي گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي پاران اڄ صبح جو رڪارڊ ڪيل گرمي پد موجب ڪوئٽه جو گرمي پد 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو. زيارت 27، قلات 30، تربت 46، پنجگور 40، پسني 36، جيوني ۽ گوادر 38، اورماره 34، دالبدين 42، نوڪنڊي 43، خضدار 31، لسبيله، زوب 36، بارکهان 38، اوتهل، 43، ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔