سنڌ ۾ سختي ڪرڻ کان پوءِ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي جنهن ۾ عوامي تعاون تي سندن ٿورائتا آهيون.

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 22043 ٽيسٽ ڪيا ويا. جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ان ٽيسٽن جي نتيجي ۾ 1293 ڪيسز آيا جيڪي 5.9 سيڪڙو آهن.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سختي ڪرڻ سان ڪيسز جي شرح گهٽ ٿي آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته هاڻ ڪيسز گهٽ ٿي رهيا آهن. تعاون تي عوام جا ٿورائتا آهيون. عوام تعاون جاري رکيو ته اسان جلد ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهون ٿا. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪيسز جي شرح 8.34، حيدرآباد ۾ 4.42 ۽ ٻين ضلعن ۾ 3.3 سيڪڙو آهي.

20 مئي تي ڪراچي ۾ 12.86 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو شرح هئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪروونا بابت صوبائي حڪومت جون پابنديون جاري رکيون وينديون. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح گهٽ ٿي  8.34 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ حيدرآباد ۾ به شرح گهٽ ٿي  4.42 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔