جهانگير ترين جاچ: بيرسٽر علي ظفر کي ڪم کان روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جهانگير ترين معاملي تي جاچ ڪندڙ بيرسٽر علي ظفر کي ڪم کان روڪڻ  واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري جي درخواست ٻڌ:ڻ نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. پٽيشنر فهد اورڪزئي طرفان ڪو به عدالت جي  سامهون پيش نه ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته فوجداري ڪارروائي لاهور ۾ هلي رهي آهي جيڪا اسان جي اختيار ۾ نه آهي.

ڊپٽي اٽارني جنرل جنرل سيد طيب شاهه چيو ته درخواست ڏيندڙ شهري هن معاملي ۾ متاثر ڌر به نه آهي. فوجداري ڪيس ۾ غير لاڳاپيل شخص درخواست به نٿو ڏئي سگهي. اهڙي طرح  عادي درخواست ڏيندڙ ڪيس ڪندا ته عام سائلين جو ڇا ٿيندو.

چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت کي اهڙيون پٽيشنون ٻڌڻ گهرجن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهڙي طرح جون درخواستون عدالتون آڻي عدالتي وقت کي ضايع ڪيو وڃي ٿو. عام سائيلن جا التوا هيٺ ڪيسز به متاثر ٿيندا آهن. بي بنياد درخواست تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔