سنڌ جو پاڻي چوري ڪري وري سينا زوري ڪئي پئي وڃي: سعيد غني

نصيرآباد : تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني چيوآهي ته ڪورونا وبا جي ڪري تعليم متاثر ٿي آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي، پ پ سدائين صحت ۽ تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آھي، نصيرآباد ڀرسان اسڪول جي افتتاحي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالھيون ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪري وري سينا زوري ڪئي پئي وڃي، وفاقي سرڪار جو سلوڪ سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو رھيو آھي، سڀ کان وڌيڪ پيدوار روينيو ڏيندڙ سنڌ صوبو آھي ان جي باوجود اسان سان نا انصافي ڪئي پئي وڃي، صوبائي وزير چيو ته شڪارپور ۾ بدامني تي ڳڻتي آھي، سنڌ حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻيندي ھن چيو ته پوليس جي غلط پلاننگ تحت پوليس جو نقصان ٿيو آھي ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي جي بدلي سياسي طور تي نه ٿي آھي اھو تاثر غلط آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔