پاڪستان سپر ليگ جون رهيل ميچز وري نه ٿيڻ خدشا وڌي ويا

ڪراچي : پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچز جي مامري تي هڪ ڀيرو وري خدشا وڌي ويا، ذريعن موجب پي ايس ايل 6 جي مستقبل تي خدشا جم وٺي رهيا آهن، جنهن ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فرنچائز مالڪن جي ايمرجنسي ميٽنگ طلب ڪري ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته امارتي عملدارن طرفان جهاز جي لينڊنگ جي اجازت نه ڏيڻ جي ڪري مسئلا ٿي پيدا ٿي ويا آهن، ممبئي ۽ جوهانسبرگ کان ايندڙ چارٽرڊ فلائٽ کي لينڊگ پرميشن نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اڄ هڪ وڳي ڪراچي ۽ لاهور کان جهازن کي ٽيڪ آف ڪرڻو هو پر انهن کي به لينڊنگ جي اجازت نه ڏني وئي، ان کان علاوه گذريل ڏينهن انگلينڊ کان دبئي جي لاءِ ايئرپورٽ ايندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽر حماد اعظم کي به واپس موڪليو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔