نيشنل يوٿ اسيمبلي جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مزار قائد تي حاضري

ڪراچي: نيشنل يوٿ اسيمبلي جي نئين چونڊيل عهديدارن نيشنل اسيمبلي جي صوبائي گورنر جي اڳواڻي ۾ مزار قائد تي حاضري ڀري ، ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو صوبائي اسيمبلي ميمبر راجا اظهر به موجود هو.

نئين چونڊيل عهديدارن کي مزار قائد تي پاڪستان جي سامونڊي فوج جي جوانن گارڊ آف آنر پيش ڪيو ، ۽ مزار قائد جي انتظاميا اتي موجود قائد گيلري سميت ٻين جاين بابت ڄاڻ ڏني .

نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي نئين چونڊيل عهديدارن مزار قائد تي ان ڳالهه جي عزم جو اظهار ڪيو ته قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ساٿين مسلسل جدوجهد سان پاڪستان حاصل ڪيو ، هاڻي ملڪ جا نوجوان به هن ملڪ جي سلامتي ، بقا ۽ ترقي لاءِ ساڳي ريت پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندا رهندا ۽ ملڪ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔