تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ تي قبضي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل

سکر: سنڌ ۾ تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ تي قبضي خلاف عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. وڪيل محمد رضا سومرو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪندي چيو ويو آهي ته فيض گنج ۾ تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ کي مسمار ڪيو ويو آهي، تاريخي ماڳ جي زمين غير قانوني طور وڪرو ڪئي وئي. پٽيشن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته تاريخي ماڳ کي چوديواري ڏياري تحفظ ڏياريو وڃي. پٽيشن ۾ سنڌ حڪومت، ڊائريڪٽر نيب ، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه ، مختيار ڪار فيض گنج کي ڌر بڻايو ويو آهي. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ٻڌڻي لاءِ 12 آگسٽ مقرر ڪئي ۽ ڌرين کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔