عمران خان ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آھي: بلاول ڀٽو

ڪراچي : عمران خان ڪِشتو کڻي واشنگٽن، رياض، بيجنگ ۽ دبئي ۾ گهمندو رهيو، هُن ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين جي پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان قرضن تي ملڪي معيشت هلائي ايندڙ نسلن لاءِ کڏ کوٽي رهيو آهي، سخت شرطن تي قرض وٺي معيشت هلائڻ وارو تجربو مسئلا پيدا ڪندو، هن سال عمران خان 10 ارب ڊالرز جو پرڏيهي قرض وٺي چڪو آهي، عمران خان ملڪ جا فيصلا قرض ڏيندڙ ملڪن جي هٿن ۾ڏئي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔