پاڪستان جو غزا ۾ عالمي محافظ فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو

نيو يارڪ: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسرائيلي ظلم مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان کي غزا ۾ هڪ عالمي محافظ فوج مقرر ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس سان خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ عالمي دنيا هڪ اهم نقطي تي بيٺي آهي، اڄ اسان ڪجهه ڪيون ٿا يا نه تاريخ ۾ لکيو ويندو، قومن جي زندگي ۾ اهڙا مرحلا ايندا آهن، جڏهن فيصلا نسلن جا نسل ياد رکندا آهن. هن چيو ته غزا ۾ بي گهر ماڻهن جو انگ 50 هزارن کان وڌي ويو آهي، حملن ۾ هڪ هفتي ۾ 250 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا، اسرائيل جي حملن ۾ هزارين فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن، اسرائيل پنهنجي غرور سان فلسطينين سان حملا ڪري رهيو آهي، فلسطين ۾ ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، ڪير پڇڻ وارو ناهي، غزا جي هر گهر ۾ ماتم ٿي رهيو آهي، هر علائقي ۾ هر ڪلاڪ ۾ سانحو ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت غزا هر لحاظ سان اونداهي ۾ ٻڏل آهي، اسرائيل سڄي دنيا سامهون بي ڏوهه فلسطينين کي شهيد ڪيو، اسرائيلي ظلم مان هاڻ جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي، فلسطينين جو آواز دٻائي نٿو سگهجي ۽ نه انهن کي چُپ ڪرائي سگهجي ٿو، اهڙين حالتن ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجو فرض نڀائڻو پوندو، هن نازڪ صورتحال ۾ اسان کي فسلطيني عوام کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي، اسان جي پهرين ترجيح اسرائيل جي جارحيت کي روڪڻ هجڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو اميد ته سلامتي ڪائونسل اسرائيل کي حملا روڪڻ جو چوندي، اسرائيل غزا جا سمورا رستا کولي ته جيئن عالمي امداد ممڪن ٿي سگهي، غزا ۾ عالمي محافظ فوج مقرر ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔