سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڊيڊ لاڪ ختم

اسلام آباد: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي وئي. ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڪميٽين جي ورهاست جو معاملو طئي ٿي ويو آهي ۽ اپوزيشن اهم ڪميٽين جي سربراهي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ڪميٽين جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ ايندڙ هفتي اجلاس گهرائڻ جو امڪان آهي. ان حوالي سان سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي معاملي تي ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔