پي ايڇ ڊي هولڊرز لاءِ خوشخبري، عدالت طرفان ماهوار 25 هزار رپيا الائونس ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي: پي ايڇ ڊي هولڊر سمورن سرڪاري آفيسرن جي لاءِ وڏي خوشخبري، سنڌ هاءِ ڪورٽ هاڻ هر پي ايڇ ڊي هولڊر کي ماهوار 25 هزار رپيا پي ايڇ ڊي الائونس ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو جي درخواست تي وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. لکت واري فيصلي موجب عدالت پي ايڇ ڊي هولڊر سرڪاري آفيسرن کي 25 هزار رپيا پي ايڇ ڊي الائونس ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي 15 ڏينهن ۾ سمري سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته سمورن سرڪاري پي ايڇ ڊي هولڊرن کي ماهوار 25 هزار رپيا ڏنا وڃن. ڪنهن به کاڌي جي پي ايڇ ڊي هولڊر سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي. سمورن کاتن جي پي ايڇ ڊي آفيسرن کي گڏيل الائونس ڏنو وڃي. ڊاڪٽر لياقت علي ابڙو داخل درخواست ۾موقف اختيار ڪيو هو ته ڪنهن پي ايڇ ڊي هولڊر کي 25 ته ڪنهن کي 10 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن، عدالت پڇاڻو ڪيو هو ته اهڙو امتيازي سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ جنهن تي سنڌ حڪومت جواب ۾ چيو هو ته رڳو يونيورسٽيز ۾ پي ايڇ ڊي هولڊرز کي 25 هزار رپيا الائونس ڏئي رهيا آهيون. ٻين سرڪاري پي ايڇ ڊي هولڊرز کي 10 هزار رپيا ماهوار ڏنا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔