شهباز شريف فلسطين تي منظور ٺهراءُ گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فلسطين بابت منظور ٺهراءُ گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. شهباز شريف جي قيادت ۾ اسيمبلي ميمبرن گڏيل قومن جي آفيس ۾ پهتا، ان موقعي تي اڳوڻو وزير اعظم راجا پرويز اشرف، مولانا اسد ۽ ٻيا پارلياماني اڳواڻ به گڏ هئا. شهباز شريف فلسطين بابت ٺهراءُ گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رت جون نديون پيون وهن، مسئلا حل نه ٿيا ته دنيا ۾ ڪڏهن به امن نه ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔