سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڊي سي سکر کي هٽائڻ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هٽائڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هٽائڻ بابت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ خلاف چيف سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ توهين عدالت جو اِشارو ڏئي ڇڏيو. سرڪاري ايراضي تي قبضي ۽ وڪري بابت ڪيس جي ٻه ڏينهن اڳ ٿيل ٻڌڻي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل سميت ٻيو لاڳاپيل اختياريون پيش ٿيون ۽ قبضي ڇڏرائڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هٽائي ڪا به فيلڊ پوسٽ نه ڏيڻ وارن حڪمن بابت وضاحت طلب ڪئي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته ٻه ڀيرا ڊي سي سکر کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي چڪا آهيون پر عملدرآمد ناهيون ڪرائي رهيا ڇو ته هنن کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔