چمن ۾ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جي امير جي گاڏيءَ تي حملو، مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو

ڪراچي: بلوچستان جي علائقي چمن ۾ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جَي امير عبدالقادر لوني جِي گاڏيءَ تي حملو، بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، مولانا عبدالقادر لُونـِي سوڌو 12 کان وڌيڪ زخمي، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پوليس موجب مرغي بازار وٽ جي يو آءِ نظرياتي گروپ جي صوبائي امير عبدالقادر لوني جي گاڏي وٽ ڌماڪو ٿيو، بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواني چيو آهي ته ڌماڪو پلانٽيڊ بم ذريعي ڪيو ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرز طرفان عبدالقادر لوني جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔