اسرائيلي جارحيت خلاف سنڌ سوڌو پوري ملڪ ۾ ريليون، مظاھرا

ڪراچي: فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف يومِ فلسطين تي پاڪستاني قوم هڪ آواز، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ريليون، مظاهرا ۽ اجتماع، فلسطينين سان ٻڌي جو اظهار، اپوزيشن اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءُ گڏيل قومن جي اسلام آباد واري آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ کان گڏيل قومن جي آفيس تائين پيادل مارچ، سينيٽ چيئرمين قافلي جي صورت ۾ فلسطيني سفارتخاني پهتو: ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، بدين، ٺٽو، سجاول، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا، سنڌ اسيمبلي ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور، وڏي وزير مراد علي شاهه فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔