اسان جا مسئلا حل ٿي ويا، پي ٽي آءِ ۾ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين: جھانگير ترين گروپ

لاھور: اسان جا مسئلا حل ٿي ويا، پي ٽي آءِ ۾ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، جهانگير ترين جي گروپ ۾ شامل اڳواڻن جون پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات بعد ڳالهيون، عثمان بزردار جي قيادت تي اعتماد جو اظهار، نعمان لنگڙيال، سعيد اڪبر نوان ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته وڏي وزير سان ملاقات دوران پنهنجي مسئلن تي کُلي ڳالهايو، پنهنجي مسئلن ۽ شڪايتن کان به آگاهه ڪيو، وزيراعظم جيان پنجاب جي وڏي وزير به مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هاڻي اُنهن تي عمل جو انتظار آهي، پڪ اٿئون ته وزيراعظم اسان سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔