حڪومت جو استادن کي به جلد ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت استادن کي به جلد کان جلد ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
استادن کي ڪورونا ويڪسينيشن جي حوالي سان تعليم واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اين سي او سي صوبن جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته استادن جي ويڪسينيشن لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي خط لکيا ويا آهن.
ترجمان موجب تعليمي شعبي جو نقصان گهٽائڻ لاءِ استادن ۽ امتحاني عملي جي جلد ويڪسينيشن ڪئي ويندي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته استادن جي ويڪسينيشن 5 جون تائين مڪمل ڪئي ويندي ۽ امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ امتحاني عملي ۽ سپورٽنگ اسٽاف کي ويڪسين لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔