گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل غزا ۾ بنا دير جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ : گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزا ۾ بنا دير جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
فلسطين جي صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته اولهه ڪناري جاري تشدد کي روڪڻو پوندو، اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ تڪرار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته غزا تي لڳاتار بمباري سان ڪيترن ئي ٻارن جو موت ٿيو، غزا ۾ ٻار جنگ جي ڳري قيمت ادا ڪري رهيا آهن، اسرائيل طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ تي سخت ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل تي به راڪيٽ فائر بند ڪيا وڃن، عام شهرين کي نقصان پهچائڻ جو ڪو جواز ناهي، اسان کي فوري طور جنگبندي تي زور ڏيڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔