اردگان جو اسرائيل مخالف بيان آمريڪا کان برداشت نه ٿيو

واشنگٽن :ترڪ صدر رجب طيب اردگان طرفان غزا تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ۽ بيانن تي آمريڪا ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جي ترجمان نيڊ پرائس موجب آمريڪا يهودين جي حوالي سان طيب اردگان جي بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ انهن کي افسوس جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.
هن اردگان ۽ ٻين ترڪ اڳواڻن تي زور ڏيندي چيو ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪن، جن سان تشدد ۾ واڌ جو خدشو هجي.
واضح رهي ته ترڪ صدر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسرائيل فلسطين خلاف دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔