پاڪستان سپر ليگ جو ڇهون ايڊيشن هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

لاهور : پاڪستان سپر ليگ 6 جو ايڊيشن هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آپريشنل ڏکيائين سبب ليگ جي ڇهين ايڊيشن جون رهيل ميچون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پي سي بي ۽ فرنچائز مالڪن جي ورچوئل اجلاس ۾ لاجسٽڪ مسئلن ۽ ٻين رنڊڪن سبب ابوظهبي ۾ مقابلن جي پلان کي عمل جوڳو قرار نه ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ نئين بجيٽ ڳري هجڻ سبب ميچون پوءِ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن اهي خبرون سامهون آيون هيون ته پي سي بي جو 7 رڪني وفد، جيڪو ڪيترن ئي ڏينهن کان ابوظهبي ۾ موجود هو، ان جون گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ يو اي اي رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي.
هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ جي حوالي سان حتمي اعلان فرنچائز مالڪن سان ملاقات کانپوءِ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته پي ايس ايل 6 جون شروعاتي 14 ميچون ڪراچي ۾ ٿيون هيون پر ڪيترن ئي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔