پاڪستاني اداڪاره آمنه الياس جي آمريڪي نائب صدر مٿان سخت تنقيد

لاهور: پاڪستاني اداڪاره ۽ سپر ماڊل آمنه الياس آمريڪا جي نائب صدر ڪمالا هيرس طرفان ڏنل هڪ بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.آمنه الياس مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي سماجي مسئلن جي حوالي سان پنهنجو آواز اٿاريندي رهندي آهي ۽ هن ڀيري هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪمالا هيرس جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو اسرائيل جي حمايت ۾ ڳالهائي رهي آهي. آمنه وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مان هي وڊيو هتي شيئر ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهيس.ڪمالا هيرس ڪهڙي قسم جي انسان اهي؟ ان کي شرم اچڻ گهرجي. اداڪاره جي ان پوسٽ تي نه صرف سوشل ميڊيا صارفين پر شوبز سان تعلق رکندڙ شخصيتون به ڪمالا جي ان بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيون آهن. مشهور اداڪاره صنم جنگ به ان وڊيو تي پنهنجو تبصرو پيش ڪيو ۽ ان جي بيان مٿان سخت تنقيد ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔