نيپرا سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد : نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي ڪراچي، سکر، حيدرآباد جي آفيسن کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون.
پڌرائيءَ موجب اٿارٽي نيپرا جي ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي آفيسن کي فيلڊ ۾ وڃي لوڊشيڊنگ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اختيارين سڀني آفيسن کي اڄ ئي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان رپورٽون جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي آهي.
نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته اٿارٽي انهن آفيسن جي رپورٽن جي روشني ۾ وڌيڪ ايڪشن کڻندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔