ٽيسٽ ميچ گهٽائي ٽي 20 ۾ اضافو ڪرڻ غلط آهي: انضمام الحق

ڪراچي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) کي تنقيد جو نشانو بڻايو. انضمام الحق چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي شارٽ فارم ڪرڪيٽ لاءِ قربان نٿوڪري سگهجي، پي سي بي هڪ ٽيسٽ جي جاءِ تي 2 ٽي ٽوئنتي ميچز وڌايون، جيڪو غلط آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪوبه بورڊ ائين ناهي هوندو، جيڪڏهن ڪرڪيٽر ائين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا ته ڏکيو ٿي پوندو. انضمام الحق چيو ته تازن فيصلن مان لڳي رهيو آهي ته پي سي بي جو فوڪس شارٽ فارم ڪرڪيٽ تي آهي، ڏکڻ آفريڪي رانديگرن قومي ڊيوٽي ڇڏي ليگ کيڏڻ هليا ويا، جيڪو غلط عمل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔