ديا مرزا به فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ديا مرزا به فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف چُپ نه رهي سگهي.
ديا مرزا ٽوئيٽر تي 10 ورهين جي فلسطيني ٻارڙيءَ جي ويڊيو جاري ڪندي لکيو ته دنيا امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڇو گڏ نه ٿي رهي آهي؟
هن چيو ته اسان جي ٻارن کي اهو سڀ ڪجهه ڇو ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي؟ مان دل سان اهو سڀ ختم ڪرڻ جي درخواست ڪيان ٿي.
واضح رهي ته اسرائيل طرفان غزا تي بدترين بمباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔