اي بي ڊيوليئرز جو ڏکڻ آفريقي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان ختم

جوهانسبرگ : ڏکڻ آفريقا جي اسٽار ڪرڪيٽر اي بي ڊيوليئرز جي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ جو امڪان ختم ٿي ويو.
ڏکڻ آفريقا جي جارحاڻي بيٽسمين اي بي ڊيوليئرز طرفان هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر هاڻ واضح ٿي ويو آهي ته هو عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپس نه ايندو.
اي بي ڊيوليئرز 2018 ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو هو پر هو دنيا جي مختلف ليگز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو آهي، جڏهن ته اهي خبرون هيون ته هن جون عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ لاءِ ڏکڻ آفريقي ڪوچ مارڪ بائوچر سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.
ان حوالي سان مداحن کي اميد جاڳي ته اي بي ڊيوليئرز هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقا طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو پر هاڻ ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اي بي ڊيوليئرز جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو ڪو امڪان ناهي، هن هميشه لاءِ رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو هو ۽ سندس رٽائرمينٽ جو فيصلو حتمي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔