سامونڊي طوفان ڀارت ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ايڪيهه ڄڻا فوت ڪيترائي گم ٿي ويا

ممبئي: ڀارتي رياست گجرات ۾ سامونڊي طوفان تائوتي وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا آهن.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت کي 3 سالن جي بدترين سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 185 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار هلندڙ طاقتور طوفان تائوتي ڀارتي رياست گجرات سان ٽڪرائجي ويو جنهن کان پوءِ سمنڊ ۾ 10 فٽ ڊگهيون ڇوليون پيدا ٿيون ۽ برسات جو نه رڪجڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو. طوفان ڪورونا وبا کي منهن ڏيندڙ ڀارتين کي هڪ ٻئي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بجلي نه هجڻ سبب آءِ سي يو ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر گجرات جي وڏي وزير هنگامي بنيادن تي موبائل جنريٽرز ڏئي ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪورونا ۾ ورتل ڳڻتي جوڳي صورتحال وارا 600 کان وڌيڪ مريضن کي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.طوفان سبب گجرات جي سامونڊي علائقن مان 2 لک ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ گم آهن. گم ٿي ويلن ۾ اڪثريت مهاڻن جي آهي جيڪي طوفان وقت سمنڊ ۾ موجود هئا. ٻئي طرف ممبئي جي سمنڊ ۾ 273 ماڻهو گم ٿي ويا جن ۾ اڪثريت مهاڻن جي آهي. ڀارتي بحريه جي ٻن جهازن ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن دوران 148 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو. هوڏانهن طوفان ڪيراله، راجستان ۽ ممبئي جي سامونڊي علائقن ۾ به نقصان پهتو آهي. ان علائقن ۾ به برساتن جو سلسلو جاري آهي.ڪيراله ۾ 1500 گهر تباهه ٿي ويا. جڏهن ته راجستان ۾ وڻ پاڙن مان نڪري گهرن تي ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. موسميات کاتي موجب تائوتي طوفان جو زور هاڻ ٽٽي چڪو آهي پر شهري بنا ڪنهن ضرورت جي سامونڊي علائقن جو رخ نه ڪن ۽ مهاڻا به سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔