آمريڪي ايئرلائن نوڪري جي لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي ايئرلائن ڊيلٽا ملازم ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي آهي پر مذڪوره شرط پراڻن ملازمن تي لاڳو نه هوندي.سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جو چوڻ هو ته اسان مستقبل ۾ ملازم ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کي لازمي قرار ڏئي رهيا آهيون.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده ملازمن مان صرف انهن کي ئي بين الاقوامي فلائٽ آپريشنز ۾ شامل ڪيو ويندو جيڪي ويڪسينيشن ڪرائي چڪا آهن. اهو فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن پرڏيهه ۾ داخلا جي شرط کي پورو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔