هاڻ معذور ماڻهو به هٿن جي استعمال کان سواءِ ٽائپ ڪري سگهندا

لنڊن: سائنسدان معذور ماڻهن لاءِ پنهنجي خيالن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي طريقن جي ڳولا ڪري رهيا آهن. ان جي لاءِ هو دماغ جي ڪمپيوٽر، انٽرفيس(بي سي آءِ) ٽيڪنالاجي کي اهم قرار ڏئي رهيا آهن جنهن جي مدد سان فالج يا ٻئي قسم جي معذوري جو ماڻهو پنهنجي هٿن يا آڱرين جي استعمال کان سواءِ تيزي سان پيغام ٽائپ ڪري سگهندا.اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۽ باورڊ بيوز ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي محققين جو چون آهي ته دماغ جي ڪمپيوٽر، انٽرفيس(بي سي آءِ) ۾ افڪار واري عمل ۾ بدلائي سگهن ٿا. انٽرفيس لکڻ جي سوچ جو ڊيڪوڊ ڪرڻ آهي جنهن مان لکڻ جو عمل پيدا ٿيندو آهي.اسٽينفرڊ يونيورسٽي جي محققن موجب پهريون ڀيرو ڳچي کان هيٺ تائين مڪمل طور تي معذور شخص پنهنجي دماغ سان اسڪرين تي جملا لکيا جيڪي طبي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي. سائنسدانن وارن کان سنها ٻه اليڪٽروڊ سينسر مريض جي دماغ جي کاٻي طرف لڳايا ۽ ان کي چيو ته هه پنهنجي دماغ ۾ جملا اهڙي طرح لکي جيئن عام ماڻهو هٿ سان ڪاغذ تي لکندا آهن ان کي مائنڊ رائننگ يا دماغي تحرير جو نالو ڏنو ويو آهي.سائنسدانن موجب نو سالن کان معذور 65 ساله شخص کي چيو ويو ته هو پنهنجي ذهن ۾ ڪاغذ ۽ قلم جو تصور ڪري ان دوران دماغ ۾ تصور ڪرڻ جو سمورو عمل سينسر طرفان نوٽ ڪيو. ان ۾ تحرير جي ڦير ڦار ۽ بناوٽ کي هڪ الگورتهم پاران پڙهيو ۽ هو سامهون اسڪرين تي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ نمودار ٿيندو رهيو. اسٽينفرڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن موجب دماغي تحرير جو عمل عام فون تي ٽيڪسٽ لکڻ کان به تيز رفتار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔