نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ آهي: وزيراعظم

گوجرانواله:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ آهي، پاڪستان جيڪڏهن ايٽمي طاقت نه هجي ها ته هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.

گوجرانواله ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سموري پاڪستان ۾(ن) ليگ جو نعرو بلند ٿيندو، نوازشريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو تعميراتي سياست جي شروعات ٿئي، نوازشريف بطور وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جا ڪم انجام ڏنا، تاريخ هميشه ياد رکندي.

هن چيو ته اڄ اوهان جي شهر ۾ جيڪو منصوبو وزيراعليٰ پنجاب تحفو ڏنو آهي انهي سان پوري ضلعي جي تقدير تبديل ڪنداسين، انهي منصوبي سان شهرين کي تمام گهڻيون سهولتون ميسر ٿينديون.

شهباز شريف چيو ته انهي منصوبي سان ٻارڙا وقت تي اسڪول پهچي سگهندا. مزدور ڪارخانن ۾ وڪيل عدالتن ۾ پهچي سگهندا. ماس ٽرانزٽ منصوبي سان زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن کي فائدو حاصل ٿيندو.

هن چيو ته نوازشريف لاهور ۾ دل جي مرض جو پهريون اسپتال تعمير ڪرايو ۽ عام ماڻهو جي لاءِ ترقياتي منصوبا تعمير ڪرايا، نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ آهي جيڪڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت نه هجي ها ته هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.

شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته لاهور جو شمار دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ ٿيندو هو پر اسموگ ۾ اڄ گهٽتائي آئي آهي، انهي تي مريم نواز جي ٽيم کي شاباش ملڻ گهرجي. اهي سمورا ڪم ڪير چاهي به لڪائي نٿو سگهي. مخالفن کي به انهن ڪمن جو اقرار ڪرڻو پوندو.

تبصرے بند ہیں۔