پاڪستان لاءِ 381 ملين ڊالر منصوبن جي منظوري

اسلام آباد:  ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ پنجاب ۾ زراعت، تعليم ۽ صحت جي لاءِ 381 ملين ڊالر جي ٽن اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تعليم، صحت ۽ زرعي مشينري ۾ سرمائيڪاري پنجاب جي ترقي ۾ تبديلي آڻيندي. 120 ملين ڊالر قرض ۽ 4 ملين ڊالر مدد پنجاب ۾ جديد ماحولياتي طور تي پائيدار زرعي مشينري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڏني وئي.منصوبي سان 220.000 ڏوراهين خاندانن کي فائدو ٿيندو. منصوبو ننڍن هارين کي جديد مشينري فراهم ڪندو ۽ 15.000 عورتن جون مهارتون وڌائيندو. پنجاب پاڪستان جي غذائي ضرورتن جو مرڪز آهي. ڪڻڪ 75 سيڪڙو، چانور 65 سيڪڙو، مئي جي 91 سيڪڙو پيداوار آهي. اي ڊي بي پراڻي اوزارن جي استعمال سان پيدا ٿيل نقصان ۽ فصل جي باقيات ساڙڻ سان ٿيل آلودگي گهٽ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.اي ڊي بي 107 ملين ڊالر جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ 100 ملين ڊالر قرض ۽ 7 ملين ڊالر گرانٽ شامل آهي ته جيئن ثانوي سطح تي ايس ٽي سي ايم تعليم کي جديد بنائي سگهجي.اي ڊي بي 150 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏني ته جيئن نرسنگ تعليم کي بهتر بنائي سگهجي ۽ صحت جي شعبي ۾ مضبنوط ورڪ فورس تيار ڪري سگهجي. نئين نصاب، فيڪلٽي جي تربيت ۽ ڊيجيٽل ايڇ آر سسٽم جي ذريعي پنجاب ۾ اهل نرسن جو تعداد وڌايو ويندو.منصوبي جي تحت لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ جديد سينٽرز آف ايڪسيلنس قائم، تربيتي مرڪز ٺاهيا ويندا جن ۾ سميوليشن ليبارٽريز، ڊيجيٽل لرننگ ۽ جنس جي حوالي سان مراعتون شامل هونديون.

تبصرے بند ہیں۔