ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ: ويسٽ انڊيز تي نيوزي لينڊ جي گرفت مضبوط

ڪرائسٽ چرچ:  ٽئين ڏينهن جي راند جي آخر ۾ ڪيوي ٽيم ٻئي اننگز ۾ 4 وڪيٽن تي 417 رنسون ٺاهيون ۽ 481 رنسن جي برتري حاصل ڪئي.رچن رويندرا 176 ۽ ٽام ليٿم 145 شاندار هئا، ٻنهي ٽئين وڪيٽ لاءِ 279 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي، ڊيون ڪون وي 37 ۽ ڪين وليمسن 9 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين موٽي ويا.ول ينگ 21 ۽ مائيڪل بريس ويل 6 رنسن سان وڪيٽ تي آهن، نيوزي لينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 231 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 167 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

تبصرے بند ہیں۔