جسٽس ظفر راجپوت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي:  جسٽس ظفر راجپوت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حلف برداري تقريب منعقد ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري انهي کان حلف ورتو.

تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ججز، وڪيل اڳواڻ ۽ اڳوڻا ججز به شريڪ ٿيا.

حلف برداري تقريب ۾ ترڪيه، قطر، اٽلي ۽ انڊونيشيا جا قونصل جنرل به موجود هئا. ياد رهي ته انهي کان اڳ جسٽس ظفر احمد راجپوت بطور وقتي چيف جسٽس پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهيو هو. گذريل ڏينهن صدر آصف زرداري انهي جي بطور چيف جسٽس مقرري جا حڪم جاري ڪيا هئا.

تبصرے بند ہیں۔