ملڪ ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ لاءِ 13 ارب روپين جي منصوبن جي منظوري

اسلام آباد:  ملڪ ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ جي لاءِ 13 ارب وپين جا منصوبا منظور ڪيا ويا. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي اداري يونيورسل سروس فنڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اهم اجلاس ۾ ملڪ جي 11 ضلعن جي لاءِ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ وائس ڪميونيڪيشن ۽ فائبر آپٽيڪل ڪيبل جي 9 منيگا پراجيڪٽس جي منظوري ڏني وئي آهي.

سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ چيئرمين بورڊ موجب وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه جي هدايت تي شهري ۽ ڏوراهين ڊيجيٽل تفريق جي خاتمي جي قدمن ۾ تيزي آندي پئي وڃي.

منصوبن جي گڏيل ماليت 13 ارب روپين کان وڌيڪ آهي ۽ اهي 55 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪندا جڏهن ته 11 ضلعن جي 178 ٽائونز، يونين ڪونسلز ۽ 753 ڳوٺن جي رهواسين ڊيجيٽل دنيا سان جڙي سگهندا.

چيئرمين يو ايس ايف بورڊ چيو ته ڏوراهين ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪنڪٽيويٽي مان ڊيجيٽل اڪانومي کي هٿي ملندي. يو ايس ايف جي پهريان کان جاري منصوبن کان هينئر تائين ڏوراهين علائقن جا 3 ڪروڙ 94  لک ماڻهن کي ڪنڪٽيويٽي سروسز تائين پهچ حاصل ٿي چڪي آهي.

سيالڪوٽ، نارووال، زيارت ۽ ڪوئٽه جي ضلعن لاءِ 3 منصوبن ۾ 1428 ڪلو ميٽر آپٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائي ويندي جڏهن ته عمرڪوٽ، گجرانواله، ڪوهاٽ، خضدار، مظفر ڳڙهه، مانسهره ۽ منڊي بهاءُالدين ضلعن جي لاءِ براڊ بينڊ سروسز جا 6 منصوبا شامل آهن. اجلاس ۾ چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل حفيظ الرحمان، ميمبر ٽيلي ڪام جهانزيب رحيم، محمد يوسف ۽ عائله ماجد به شريڪ ٿيا.

 

تبصرے بند ہیں۔