ايراني خوف، اسرائيل جي ليزر دفاعي نظام نصب ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد: اسرائيل جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته هن سال جي آخر تائين پنهنجو پهريون آپريشنل هاءِ پاور ليزر ايئر ڊفينس سسٽم تعينات ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهيو آهي. جيڪو ڊرونز، راڪيٽن، ميزائيلن ۽ ٻين هوائي خطري کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۾ هڪ اهم تبديلي آهي. هي نظام، جنهن کي ’آئرن بيم‘ چيو وڃي ٿو، سيپٽمبر ۾ ان جون آپريشنل ٽيسٽون مڪمل ڪيون هيون.100 ڪلو واٽ پاور وارو هي سسٽم سيڪنڊن ۾ هدف تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ روايتي ميزائل دفاعي نظامن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ خرچ تي ڪم ڪري ٿو.
ڊرون ماريندڙ هاءِ پاور ليزر هٿيار
وزارت موجب ڪيترن هفتن جي آزمائشي مشقن دوران آئرن بيم ڪاميابيءَ سان راڪيٽ، مارٽر شيل، بنا پائلٽ جهاز (UAVs) ۽ ٻين هوائي خطرن کي تباهه ڪيو. دفاعي اختيارين چيو ته ليزر، جنگ جهڙين حالتن ۾ “سٺو ۽ قابلِ اعتماد” ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. آئرن بيم اسرائيل جي ملٽي ليئرڊ ايئر ڊفينس ۾ پنجون پرت يعني تهه شامل ڪندو، جنهن ۾ اڳ ئي آئرن ڊوم، ڊيوڊز سلنگ، ۽ Arrow-2 ۽ Arrow-3 شامل آهن. اهي نظام راڪيٽن ۽ بيلسٽڪ ميزائلن خلاف 90 کان 95 سيڪڙو تائين ڪاميابي ڏيکارين ٿا، پر ڊرونز ۽ هيٺ اڏامندڙ UAVs خلاف سندن ڪاميابي ڪڏهن ڪڏهن صرف 50 سيڪڙو تائين رهي آهي. نئون ليزر خاص طور تي ننڍن ۽ آهستي اڏامندڙ هدفن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي زمين جي بلڪل ويجهو هوندا آهن ۽ روايتي ريڊار سسٽم کين سڃاڻڻ ۾ مشڪلات محسوس ڪن ٿا.
نئين هٿيار جي ضرورت ڇو پئي؟
اسرائيل کي ايران ۾ تيار ڪيل شاهد ڊرونز مان وڌندڙ خطرو آهي، جيڪي بار بار حزب الله ۽ ٻين ايران نواز گروپن جي حملي ۾ استعمال ٿيا آهن. شاهد-136، جيڪو ڪاربان فائبر جسم ۽ برقي موٽر سان هڪ گولا بارود آهي، جنهن جي ريڊار تي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکيو آهي. ايراني ڊرون شاهد جا مختلف قسم آهن. وڏي قسمن وارا ڊرون وڌيڪ وزن کڻي سگهن ٿا، شاهد-149 ۾ 13 بم ڇڏڻ جي صلاحيت آهي، شاهد-191 ٻه درست نشاني بند ميزائل فائر ڪري سگهي ٿو، جن جو گڏيل وزن لڳ ڀڳ 50 ڪلوگرام آهي. شاهد ڊرونز اتر اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن سميت ايلاٽ ۽ جورڊن ويلي تي پڻ حملو ڪري چڪا آهن. هڪ ڊرون، جيڪو لبنان مان لانچ ٿيو، اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي گهر (قيصريا) تائين پهتو هو. اسرائيلي فوجي اهلڪار اتر سرحد تي وڌندڙ UAV حملا روڪڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا هئا، جنهن ڪري هي نئون هٿيار ٺاهيو ويو آهي. آئرن بيم جو گهٽ پاور وارو هڪ قسم اڳ ۾ ئي آڪٽوبر 2024 واري جنگ دوران استعمال ٿيو هو، جنهن ۾ ان 35–40 حزب الله ڊرونز کي روڪيو تباهه ڪيو هو.
هڪ فائر جو خرچ صرف چند سينٽ
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آئرن بيم جو سڀ کان وڏو فائدو ان جو انتھائي گهٽ خرچ آهي. هر فائر لاءِ رڳو ڪجهه سينٽ جيتري بجلي استعمال ٿئي ٿي. ان جي مقابلي ۾ آئرن ڊوم جهڙن نظامن جي هر ميزائل تي 10 هزار کان هڪ لک ڊالر تائين خرچ اچي ٿو. ليزر کي ڪنهن به قسم جي گولي بارود، اسٽوريج يا سپلائي جي ضرورت ناهي، ۽ ڊگهي جنگ دوران ختم به نٿو ٿي سگهي. آئرن بيم ۾ ريڊار، اليڪٽرو-آپٽيڪل سينسر، ٽريڪنگ ڪيمرا ۽ فائر ڪنٽرول ڪمپيوٽر شامل آهن، ۽ ان کي رفائيل ايڊوانسڊ ڊفينس سسٽمز تيار ڪيو آهي. رفائيل Spike اينٽي ٽينڪ ميزائل ۽ Trophy پروٽيڪشن سسٽم جو ڪارخانو به آهي، جيڪو آمريڪي فوج به استعمال ڪري ٿي. اسرائيل هن سسٽم کي خطي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڊرون خطري جي پسمنظر ۾ انتهائي اهم سمجهي ٿو، ۽ اختيارين موجب، اهو نظام هن سال جي آخر تائين آپريشنل فورسز ۾ شامل ڪيو ويندو.

دنيا جي ڪهڙن ملڪن وٽ ليزر دفاعي نظام موجود آهي؟

ياد رهي ته آمريڪا وٽ، 50، 120 ۽ 300 واٽ تائين جو ليزردفاعي نظام آهي، روس وٽ به 100 کان 300 واٽ جو سسٽم آهي. چين وٽ 30 کان 100 واٽ جو نظام آهي، جرمني وٽ 50 کان 100 واٽ، برطانيا وٽ 50 واٽ، ڀارت وٽ 25 کان 30 واٽ، ڏکڻ ڪوريا وٽ 20 واٽ ۽ ترڪي وٽ 5 کان 10 واٽ جو نظام آهي. ايران ۽ پاڪستان وٽ به اهڙا دفاعي نظام ۽ ليزر گائيڊڊ ميزائيل آهن پر ان جي سرڪاري طور تصديق ناهي ٿي سگهي.

تبصرے بند ہیں۔