لاٽري جي ٽڪيٽ ڪپڙن سان گڏ ڌوپجي وئي، آمريڪي عورت چار ارب روپين کان محروم

نيويارڪ: آمريڪي عورت 2 ڪروڙ 60 لک يعني چار ارب روپين جي لاٽري کٽي به انعامي رقم کان محروم ٿي وئي. لاس اينجلس جي عورت جو انعامي ٽڪيٽ غلطي سان واشنگ مشين ۾ ڪپڙن سميت ڌوپجي ويو ۽ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويو.لاٽري جي منتظمين عورت جي دعويٰ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اختيارين جو چوڻ آهي ته پڪن ثبوتن کان سواءِ انعام نٿو ڏئي سگهجي. برطانوي خابرو اداري موجب لاٽري ٽڪيٽ جي مالڪياڻي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ عورت جو چوڻ آهي ته هن لاٽري جي ٽڪيٽ کي پينٽ جي کيسي ۾ ڇڏي ڏنو هو جيڪو ڌلائي جي دوران ضايع ٿي ويو.ڪيليفورنيا لاٽري جي سپر لوٽو پلس ٽڪيٽ کي نومبر ۾ لاس اينجلس ۾ واقع هڪ دڪان تي وڪرو ڪيو ويو هو. آمريڪي ميڊيا ان عورت جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي ۽ مبينه طور تي ان وقت اسٽور ۾ لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وقت کيس سي سي ٽي وي ڪيمرا عڪس بند ڪيو هو.لاٽري جي منتظمين جو چوڻ آهي ته ڊرا جي 180 جي اندر انعام تي دعويٰ ڪرڻي پوندي آهي. اهو ڊرا 34 نومبر تي ٿيو هو ۽ انهي ڳري انعام جي دعويٰ ڪرڻ جي آخري تاريخ خميس تي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔