پي ايس ايل ۾ شرڪت لاءِ قومي ٽيم جي ٻاويهه مئي تي روانگي جو امڪان

لاهور: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي بقايا ميچز جي لاءِ قومي ٽيم جي 22 مئي تي ابوظهبي روانگي جو امڪان آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) طرفان پي ايس ايل جي بقايا ميچز جي شروعات ڪورونا سبب ابوظهبي ۾ ڪرائي پئي وڃي. ذريعن موجب ڪورونا ايس او پيز سبب قومي رانديگر خاص اڏام جي ذريعي متحده عرب امارات(يو اي اي) روانه ٿيندا.جڏهن ته اسپورٽس اسٽاف به خاص اڏام جي ذريعي روانو ٿيندو. ليگ ۾ شرڪت جي لاءِ پرڏيهي رانديگرن کي به 22 مئي کان يو اي اي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.يو اي اي پهچڻ تي سمورن رانديگرن جو هڪ ئي هوٽل ۾ ڪورونا ٽيسٽ ٿيندو. پي ايس ايل ميچز هڪ ئي وينيو تي ٿيڻ سبب ڊبل بيدر ميچ ڊي جو انگ وڌائي سگهجي ٿو.يو اي اي ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي حڪومت کان اجازت گهربل آهي جنهن کان پوءِ حتمي شيڊول جاري ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اجازت نه ملي ته ڪراچي کي بطور بيڪ اپ آپشن استعمال ڪري سگهجي ٿو.ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 6 جي بقايا ميچز جو ڪراچي ۾ منعقد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔