پاڪستان ٻي ٽيسٽ کٽي زمبابوي کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

ھراري: پاڪستان ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جو ٻيو ٽيسٽ به هڪ اننگز ۽ 147 رنز تان کٽي زمبابوي کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو، ٻي اننگاز ۾ زمبابوي جي پوري ٽيم 231 رنز تي ڍير ٿي وئي، ميزبان ٽيم طرفان چڪابوا 80 ۽ برينڊن ٽيلر 49 رنز ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ نعمان علي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻنهين 5،5 رانديگر آئوٽ ڪيا، ، پاڪستان پهرين اننگز ۾ 510 رنز اسڪو ڪري ميچ ڊڪليئر ڪئي هئي، ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ نوجوان رانديگر عابد علي پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچري ٺاهي، جڏهن ته پوري سيريز ۾ ڪپتان بابر اعظم صرف 2 رنز ٺاهي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔