سعودي جيلن ۾ موجود 1100 پاڪستانين جي جلد واپسي ٿيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سعودي جيلن ۾ موجود 1100 پاڪستانين جي جلد واپسي ٿي ويندي، وزيراعظم عمران خان جي دوري ۾ ٿيندڙ معاهدن بعد سعودي عرب جي جيلن ۾ موجود 1100 قيدين جي جلد وطن واپسي ٿيندي، هن چيو آهي ته سعودي عرب سنگين ڏوهن ۾ قيد پاڪستانين جي واپسي لاءِ تيار آهي، هڪ ارب رپين جي امداد ملي وڃي ته ننڍن ڏوهن جي ڪري سعودي جيلن ۾ موجود ڪيترن ئي وڌيڪ قيدين کي به آزاد ڪرائي سگهجي ٿو، پر سنگين ڪيسز کي عليحده سان ڊيل ڪيو ويندو، واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران قيدين جي حوالگي بابت معاهدن تي به صحيحون ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔